منگل، 27 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ: سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار

سنڌي خبرون 18th Jan 2026 469 مناظر
عمرڪوٽ: سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار

ڪارروائي دوران هڪ گاڏي مان نشي آور سوپارين جا 15 ڪٽا هٿ ڪري ورتا: پوليس

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سي آءۡ اي پوليس جي وڏي ڪاروائي نشي آور پڙين سفينا ۽ عاداب جي 15 ڪٽن 42000 پڙين سان ڀريل لانگ چيچيس گاڏي سميت هڪ ڄڻو گرفتار ٻه ڄڻن خلاف منشيات ايڪٽ ڪيس داخل سي آء اي پوليس عمرڪوٽ جي ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڇور ٿاڻي جي حد ۾ ٻانڌو ڀٽ ڀرسان ڪامياب ڪاروائي ڪري نشي آور پڙين سفينا ۽ عاداب جي 15 ڪٽن 42000 سان ڀريل لانگ چيچيس گاڏي نمبر E1130 سميت کپري جي رهواسي غلام سرور سمون کي گرفتار ڪري ورتو ڇور ٿاڻي تي ٻن ڄڻن ممتاز پٽ وسند ڇڇر ۽ غلام سرور پٽ نور محمد سمون خلاف منشيات ايڪٽ ڪيس داخل گرفتار ٿيل ۽ ڪيس ۾ ڄاڻايل منشيات فروش مختلف نمبر پليٽ وارين گاڏين ۾ ڳجهي طريقي سان نشي آور پڙيون عاداب ۽ سفينا کڻي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندو هو اڄ ڳجهي اطلاع تي ڇور ٿاڻي جي حد ۾ ڪامياب ڪري نشي آور سفينا ۽ عاداب جي 15 ڪٽن سان ڀريل لانگ چيچيس گاڏي نمبر E11 هٿ ڪري کپري جي رهواسي غلام سرور سمون ۽ ممتاز ڇڇر خلاف ڇور ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ ڪيس داخل ڪيو آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي,
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ