بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ابڙان پوليس جي ڪارروائي، پنجاب مان اغوا ڄاڻايل عورت کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 11th Oct 2023 318 مناظر

ايس ايس پي جي حڪم تي ڪارروائي دوران 40 ورھين جي تسليم کي بازياب ڪرائي ورتو: پوليس

نوشهروفيروز (ڊ ر) ايس ايس پي نوشهروفيروز جي حڪم تي ابڙان پوليس ڪارروائي ڪري پنجاب مان اغوا ٿيل عورت بازياب ڪرائي ورتي آھي. 40 سالن جي مسمات تسليم ملتان جي علائقي مظفر آباد جي رھواسڻ آھي جڏھن ته اغوا ٿيل عورت 5 ٻارڙن جي ماءُ آھي. عورت کي 11 جون تي فيڪٽري مان گھر واپس ايندي اغوا ڪيو ويو ھو. ملتان ھاءِ ڪورٽ عورت جي اغوا جو نوٽيس ورتو ھو، جنھن بعد ابڙان پوليس عورت کي بازياب ڪرايو ۽ملتان پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ