جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي حڪم تحت پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل

سنڌي خبرون 23rd Apr 2024 355 مناظر

ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي حڪم تحت پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) درخواستگذار حنيف بجاراڻي ۽ پ پ ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ وارو معاملو، درخواستگذار حنيف بجاراڻي جي پٽيشن تي 7 جوابدارن مٿان عدالتي حڪم بعد ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي ويو عدالتي حڪم تي مير شبير علي بجاراڻي،اشرف علي پٽ بجار خان بجاراڻي،گل خان پٽ مورڻ ڏاهاڻي،فوج علي پٽ شهبازي ڏاهاڻي،مير خان عرف ٽوٽو پٽ اسماعيل،ال يار پٽ غلام نبي،يار محمد پٽ غلام نبي،محمد پٽ فتح محمد مٿان حملو ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿي ويو درخواستگذار حنيف بجاراڻي پٽيشن ۾ اظهار ڪيو هو ته منهنجو پٽ محمد عالم بجاراڻي مير شبير علي بجاراڻي جي مقابلي ۾ اين اي 192 قومي اسيمبلي تڪ تي اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو ۽ 8 فيبروري تي هو جعلي ٺپا هڻائي رهيا هئا ۽ مون اهڙي حقيقت سوشل ميڊيا خبر هلائي جنهن بعد مون تي حملو ڪرايو ويو درخواستگذار پٽيشن ۾ مٿين ڄاڻايل جوابدارن جا نالا پٽيشن ۾ ڏنا هئا ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پٽيشن ۾ ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد پٽيشن ۾ ڄاڻايل جوابدارن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي آرڊر تي هاءِ ڪورٽ مان اسٽي وٺي آرڊر کي چيلينج ڪيو هو هاءِ ڪورٽ به ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي آرڊر کي بحال رکيو جنهن بعد درخواستگذار ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏانهن رجوع ڪيو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حد جي ايس ايڇ او کي طلب ڪري حڪم ڏنو ته درخواستگذار جو عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت اوهان خلاف ڪاروائي ڪندي عدالت جي اهڙي حڪمن بعد درخواستگذار حنيف بجاراڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ٿي ويو هي معاملو لڳ ڀڳ 4 مهينن تائين ڪورٽن ۾ هلندو رهيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ