بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

هڱورجا ڀرسان ڳوٺ احمد علي خاصخيلي جو پرائمري اسڪول استاد مقرر نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل

سنڌي خبرون 29th Jan 2026 373 مناظر
هڱورجا ڀرسان ڳوٺ احمد علي خاصخيلي جو پرائمري اسڪول استاد مقرر نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل

استاد مقرر ڪري ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي: ڳوٺاڻا

ھڱورجا(رپورٽر)ھنڱورجا جي ڳوٺ احمد علي خاصخيلي جو پرائمري اسڪول ڪيترن ئي ڏينھن کان بند ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي جي عملدارن وٽ دانھڻ باوجود اسڪول ۾ استاد مقرر نہ ٿيو تفصيل موجب ھنڱورجا جي ڳوٺ احمد علي خاصخيلي جو پرائمري اسڪول ڪيترن ئي مھينن کان بند پيل آهي. ڳوٺاڻن پاران اسڪول ۾ استاد مقرر نہ ھجڻ ڪري تعلقہ آفيسر سوڀوديرو توڙي تعليم کاتي ضلع خيرپور جي اعلي آفيسرن کي اسڪول بند ھجڻ بابت دانھيو آھي اسڪول ۾ استاد مقرر ناھي ٿي سگھيو ڳوٺاڻن شاھنواز خاصخيلي.محمد نواز.محمد ڇٽل ۽ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڪافي دفعا پرائمري اسڪول احمد علي خاصخيلي ۾ استاد نه هجڻ بابت دانھيو آھي تعليم کاتي جا عملدار داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناھن ھنن تعليم کاتي جي وزير سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري اسان جي ٻارڙن جي تباھ ٿيندڙ تعليم کي بچايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ