جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي جي قديمي بخاري قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

سنڌي خبرون 23rd Sep 2025 307 مناظر
ٺٽي جي قديمي بخاري قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڪيتريون ئي قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر جي قديمي بخاري قبرستان مان برساتي پاڻي جو نيڪال نہ ھجڻ ڪري پاڻي نہ نڪرڻ ڪري قبرستان ۾ پاڻي بيھڻ ڪري قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون، شھرين پاران فورن قبرستان مان گندو برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي قبرستان کي محفوظ بنائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ ٺٽي شھر جي بخاري محلي جي رھواسي سيد علي بخش شاھ بخاري صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ تازو پيل تيز طوفاني برساتن بخاري قبرستان کي ڪافي نقصان پھچايو اھي، ھن چيو تہ برساتي پاڻي جو قبرستان مان نيڪال نہ ٿيڻ ڪري پاڻي بيھڻ سبب ڪافي قبرون مسمار ٿيڻ سان گڏ گندگي ۾ بہ اضافو ٿيڻ ڪري مڇرن جو ازار وڌي ويون آھي. ھن گھر ڪئي تہ فورن بخاري قبرستان مان برساتي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي قبرن کي پھچندڙ نقصان کان بچائي قبرستان ۽ قبرن کي محفوظ ڪري ڊھي ويل قبرن کي پڻ مضبوط ڪيو وڃي، جيئن اھي محفوظ رھي سگھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ