دادو ۾ ڊي سي جي ھدايتن تي ڀاڻ جي دڪانن تي ڇاپن جو سلسلو جاري
اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽرشاهنوازميراڻي اسٽاف سان گڏ مختلف دڪانن تي ڇاپا ھنيا
دادو (عبدلعزيز ٻٻر) ڊپٽي ڪمشنر دادوسيد مرتضي علي شاه جي ھدايتن تحت ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي بليڪ مارڪيٽنگ کي روڪڻ لاءِ ضلعي ۾ مختلف دڪانن ۽ ڊيلرن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽرشاهنوازميراڻي پنهنجي اسٽاف سان تعلقي دادو ۾ وڌيڪ اگھ وٺندڙ ڀاڻ جي دڪانن تي ڇاپا هنيا، جنھن ۾ دڪاندارن نالي اويس خشڪ 3000 ھزار روپيا ڏنڊ، سلمه بشير تي 2500 سو روپيا ڏنڊ، محمد خان تي 2500 سو روپيا ڏنڊ وڌو ۽ جملي 8000 هزار روپيه وصول ڪيا ويا جڏهن ته گودام جنھن ۾ يوريا جون ٻوريون پڻ موجودآهن ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر دادوهدايت ڪئي ته ڀاڻ جا دڪاندار سرڪاري اگھ تي آبادگارن کي وڪرو ڪرڻ جو پابند رھندوهن وڌيڪ چيو ته ڀاڻ جي چيڪنگ جو اھو سلسلو جاري رھندو جيستائين ڀاڻ جي اگهن جو مسئلو حل نه ٿيندو ۽ زميندارن کي به ھدايت ڪئي آهي ته اگر ڪو به ڊيلر وڏيڪ اگھ تي ڀاڻ وڪرو ڪري ته شڪايت درج ڪرائين، توهان جي شڪايت تي ضرور ان ڊيلر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي