پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو سوشل ويلفيئر ڪميٽي ملير جو چيئرمين مقرر

سنڌي خبرون 06th Nov 2025 339 مناظر
ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو سوشل ويلفيئر ڪميٽي ملير جو چيئرمين مقرر

هي ذميواري ايمانداري، شفافيت ۽ خدمت جي جذبي سان نڀائيندس: ڄام عبدالڪريم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) توانائي وزارت (پيٽروليم ڊويزن)، حڪومتِ پاڪستان طرفان قومي اسيمبليءَ جي ملير مان چونڊيل ميمبر سردار ڄام عبدالڪريم بجار جوکیو کي سوشل ويلفيئر فنڊ ڪميٽي ضلعي ملير جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم نامزدگيءَ تي پارٽي قيادت، پيٽروليم واري وزير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو هي ذميواري ايمانداري، شفافيت ۽ خدمت جي جذبي سان نڀائيندو، جڏهن⁠ تہ ملير جي عوامي ڀلائي، سماجي ترقي وارن منصوبن کي پهرين ترجيح ڏني ويندي ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم وڌيڪ چيو ته هي ڪاميابي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت تي عوام جي اعتماد جو تسلسل آهي، ۽ هو ساڳئي عوامي جذبي ۽ عزم سان خدمت جو سفر جاري رکندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ