جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

تحريڪ علماء اسلام جو باني صوفي جميل الرحمٰن ڪراچي جي ٻن تڪن تان اميدوار

سنڌي خبرون 29th Dec 2023 170 مناظر

تحريڪ علماء اسلام جو باني صوفي جميل الرحمٰن ڪراچي جي ٻن تڪن تان اميدوار

ڪراچي (رپورٽر) چونڊ ماحول سرگرم ٿيندي ئي ڪراچيءَ ۾ سياسي ماحول سرگرم ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ صوبائي تڪ پي ايس 107 لياري ۽ پي ايس 125 فيڊرل بي ايريا تي تحريڪ علماء اسلام جو باني صوفي جميل الرحمٰن چونڊ وڙهندو، لياري واري تڪ تي چونڊون دلچسپ بڻيل آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي پيپلزپارٽي جو وڏو ووٽ بينڪ آهي ته ٻي طرف هڙني مذهبي جماعتن جي اتحاد جو باني لياري واري تڪ تي چونڊون وڙهڻ لاءِ سرگرم آهي، ان سلسلي ۾ تحريڪ علماءِ اسلام جي باني صوفي محمد جميل الرحمان جماعت سان ٿيل مشاورت جي تفصيلن کان آگاهي ڏيندي چيو آهي ته جماعت جو نالو تحريڪ علماءِ اسلام آهي، اسلام جنهن ۾ ديوبند جماعت، اهل سنت والجماعت، اهل شيعه، اهل الحديث، تمام مذهبي جماعتون ۽ سڀئي فرقا شامل هوندا. هن چيو ته پارٽي جو نشان قلم هوندو، قلم جو مطلب آهي عالم پنهنجي علم سان هر هنڌ امن پکيڙيندا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ