جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز: جتوئي ڀائرن خلاف داخل ڪيسن جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي

سنڌي خبرون 08th May 2026 297 مناظر
نوشهروفيروز: جتوئي ڀائرن خلاف داخل ڪيسن جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جتوئي ڀائر اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻو صوبائي وزير مسرور خان جتوئي پيش ٿيا آهن جتي دادو جي اميناڻي ٿاڻي جي حد ۾ داخل چرچ واري ڪيس ، بلاول زرداري قتل ڪيس، لنجار هائوس ساڙڻ واري ڪيس سميت 8 ڪيسن جي ٻڌڻي رکيل هئي جيڪا جج مقرر نه ٿيڻ سبب عدالت سڀني ڪيسن جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي محبت ديرو ٿاڻي تي داخل چرچ واري ڪيس ۾ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو جتي پڻ عدالت جو ورڪ معطل هجڻ ڪري ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ٿي وئي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ