پیر، 02 نومبر 2026
بریکنگ

اسان کي پنهنجي زندگي عملي طور رسول اللھ صھ جي سنت مطابق بنائڻي پوندي: محنتي

سنڌي خبرون 28th Sep 2023 119 مناظر

حضورﷺ جن جو اسوه حسنه سموري انسانيت لاءِ ڪامياب زندگي گذارڻ جو بهترين نمونو آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حضورﷺ جن جو اسوه حسنه سموري انسانيت لاءِ ڪامياب زندگي گذارڻ جو بهترين ۽ مثالي نمونو آهي، عشق مصطفىﷺ جي گهرج به اها آهي ته ملڪ اندر نظام مصطفى جي جدوجهد کي تيز توڙي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ زندگيءَ جي هر دائري ۾ سيرت النبيﷺ کي دستور عمل بڻايو وڃي. 12 ربيع الاول عيد ميلاد النبيﷺ جي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته پاڻ سڳورن پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان عرب جي ٻاٽ اونڌاهي،ظلم ۽ ناانصافي واري ماحول کي ختم ڪري اسلام جي روشني سان مديني جي مثالي رياست قائم ڪري عدل ۽ انصاف، ترقي ۽ خوشحالي توڙي امن امان قائم ڪري هڪ پاڪيزه معاشرو قائم ڪيو، اڄ به اسين جيڪڏهن چاهيون ٿا ته اسلام جي دعوت ۽ حق جو پيغام دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي وڃي ته اسان کي پنهنجي زندگين کي عملي طور رسول اللهﷺ جن جي سنت مطابق بنائڻو پوندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ