بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

جوهي ڀرسان گهر تي حملو، پسند جو پرڻو ڪندڙ ناريءَ جي امڙ سهولتڪاري جي الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل

سنڌي خبرون 31st Jan 2024 344 مناظر

جوهي ڀرسان گهر تي حملو، پسند جو پرڻو ڪندڙ ناريءَ جي امڙ سهولتڪاري جي الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل

جوهي(رپورٽر) جوهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻُڍو خان گوپانگ ۾ مهينو اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري جي امڙ مبينه قتل، رات دير سان هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي عورت ميرزادي زال حاجي خان گوپانگ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ، مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته هڪ مهينو اڳ مقتول عورت جي ڌيءُ پشم نوجوان غُلام محمد سان پسند جي شادي ڪئي هئي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت کي پنهنجي ڌيءُ جي شادي ۾ سهولتڪاري ڪرڻ جي شڪ هيٺ قتل ڪيو ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ