بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول جوڻيجو ويجھو اغوا ڄاڻايل شادي شدھ ناري مبينا پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 08th Nov 2023 331 مناظر

اغوا ڄاڻايل ناري سيما ذوالفقار سولنگي شادي جو نڪاح نامو ڏيکاريو

سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد مان ھفتو اڳ اغوا ٿيل شادي شدھ عورت سيما زال وسيم ديناري سوڀوديرو واسي ذوالفقار سولنگي سان پيار جو پرڻو ڪري نڪاھ نامو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪري ڇڏي، سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڪوٽ لعل بخش مھيسر واسڻ ٽن ٻارن جي ماء سيما زال وسيم ديناري کي چار ھٿياربند ھفتو اڳ ڌڱاڻو لاڙي وٽان اغوا ڪري ويا ھئا اھڙو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏئي چئن جوابدارن ذوالفقار سولنگي لياقت سولنگي حامد سولگي ۽ ھڪ نامعلوم مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ھو سجاول پوليس ناري کي ھٿ نه ڪري سگهي ھئي ڪالھ سوڀوديرو جي عدالت ۾ ٽن ٻارن جي ماء سيما زال وسيم ديناري ذوالفقار سولنگي سان پسند جو پرڻو ڪري نڪاھ نامو ڏيکاري تحفظ جي گهر ۽ اغوا جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جي اپيل ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي اغوا ڄاڻايل ناري سيما ۽ ذوالفقار سولنگي جي پيار پرڻي خبر پوڻ تي وارثن ۾ تاء پکڙجي ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ