جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت

سنڌي خبرون 27th Jul 2026 194 مناظر
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت

نينگر اسپتال منتقل ڪرڻ دوران رستي ۾ ايمبولينس جو تيل ختم ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ڪينجهر ڍنڍ تي پنهنجي مائٽن سان گڏ گهمڻ لاء آيل معصوم نينگر ٻڏي ويو بروقت ڳوٺاڻن کيس ريسڪيو ڪري ريسڪيو سينٽر پهچايو ريسڪيو سينٽر جي ايمبولينس ۾ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪرڻ دوران ايمبولينس جو تيل رستي ۾ ختم ٿي وڃڻ سبب ٻڏي بيهوش ٿيل نينگر رستي ۾ تڙپي تڙپي فوت ڪينجهر ڍنڍ تي گهمڻ لاء آيل نيو ڪراچي جو هڪ خاندان پنهنجي ٻارڙن سان گڏ ڪينجهر ڍنڍ گهمڻ لاء آيل هو ته پاڻي ۾ وهنجندي 9 ورهين جو نينگر ارحام علي ٻڏي ويو جنھن کي بروقت مقامي ملاحن بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍي ورتو بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍيل نينگر ارحام علي کي سندس وارثن سان گڏ ڪينجهر ڪناري ريسڪيو سينٽر پهچايو ويو جتان کيس بيهوشي جي حالت ۾ ريسڪيو سينٽر جي ايمبولينس ۾ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ايمبولينس جو پئٽرول کُٽي پيو پئٽرول ڀرائڻ جي ڪوشش دوران نينگر ايمبولينس ۾ ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو سول اسپتال ٺٽو پهچائڻ تي ڊاڪٽرن اڳ ۾ ئي سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو معلوم ٿيو آھي ته ايمبولينس ۾ آڪيسجن سميت ضروري سهولتون به موجود نه هيون ۽ ريسڪيو سينٽر تي به زندگي بچائڻ جون سهولتون ميسر نه آھن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ