بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

گھگھر ايڪشن ڪميٽي پاران بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تي مرحلي وار احتجاج جو اعلان

سنڌي خبرون 12th Sep 2025 197 مناظر
گھگھر ايڪشن ڪميٽي پاران بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تي مرحلي وار  احتجاج جو اعلان

ملير ۾ شديد بدامني آهي، پورهيت اڪرم زهراڻي هن وقت تائين بازياب ناهي ٿي سگهيو: مولوي عبدالماجد چاچڙ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گھگھر ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي علائقي جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رهي ته ايندڙ هفتي کان مرحلي وار احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين جيڪا نئشنل هاءِ وي تي ڌرڻي تائين جاري رهندي پريس ڪانفرنس ۾ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن مولوي عبدالماجد چاچڙ، فياض اَتيرو، جان محمد جاني، محمد جمن شجراع، حاجي محمد ابراهيم کوکر ۽ مولانا ظهورالحسن لاشاري جو چوڻ هو ته ملير ۾ شديد بدامني آهي، گھگھر جي پورهيت اڪرم زهراني کي 15 ڏينهن کان اغوا ڪري ڪشمور جي ڪچي ۾ رکيو ويو آهي پر ضلعي انتظاميه مدد ڪرڻ بجاءِ تماشائي بڻيل آهي جڏهن ته گهگهر ۾ گذريل ٻن مهينن کان بجلي بند پيل آهي پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ سڄو علائقو گٽرن جي گندگي ۾ ٻڏل آهي، جڏهن ته گڏاپ ٽائون انتظاميه وٽ ساليانو 4 ارب روپين جو بجيٽ هجڻ باوجود ڪو ڪم نٿو ٿئي هنن چيو ته گھگھر جي قبرستان تي مخصوص ماڻهن جو قبضا آهي جتي عام ماڻهن جون ميتيون به دفنائڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊي سي ملير فوراً قدم کڻي ۽ ٻيلي کاتي جي خالي پيل زمين مان 50 ايڪڙ زمين کي قبرستان لاءِ الاٽ ڪري، ڇو ٽن ان زمين تي به قبضو مافيا سرگرم آهي۔ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن علائقي جا بنيادي مسئلا بجلي، پاڻي،گيس امن امان ۽ قبرستان جو معاملو فوري طور تي حل نه ڪيا ويا ته عوام مجبور ٿي روڊن تي نڪرندو ۽ اڻ کٽ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ