بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊي سي شڪارپور پاران بٺن مالڪن سان ڳالهين بعد سرن جو نئون اگهه مقرر ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 15th Nov 2024 264 مناظر
ڊي سي شڪارپور پاران بٺن مالڪن سان ڳالهين بعد سرن جو نئون اگهه مقرر ڪري ڇڏيو

ڊي سي الطف احمد چاچڙ 9 انچ 3 هزار سرن جي ٽراليءَ جو نئون اگهه 30 هزار مقرر ڪري ڇڏيو

شڪارپور (احسان ابڙو) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سنڌ حڪومت جي آرڊر تحت سرن جي بٺن مالڪن سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ 9 انچ 3 هزار سرن جي ٽراليءَ جو نئون اگهه 30 هزار مقرر ڪري ڇڏيو۔تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ پاران سنڌ حڪومت جي آرڊر تحت سرن جي بٺي مالڪن سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ 9 انچ 3 هزار سرن جي ٽراليءَ جو اگھ 30 هزار مقرر ڪيو۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته سنڌ حڪومت پاران 20 آگسٽ 2023 تي هڪ ايڪٽ آف دي سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي جي سيڪشن نمبر 8 ۽ سيڪشن نمبر 46 برڪس تحت 2024-11-05 تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ سرن جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻي ڪئي وئي۔ هن چيو ته 9 انچ سرن جي نئين مقرر ڪيل قيمتن جي سرن جي بٺي مالڪن ۽ ضلعي جي عوام کي ڄاڻ لازمي آھي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ چيو ته ضلعي جا آفيسر ايس ايس پي شڪارپور، چئني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڊپارٽمينٽ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي شڪارپور ان تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائيندا ۽ هي قيمتون سنڌ حڪومت جي آرڊر تحت مقرر ڪجن ٿيون۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ