بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

جي يو آءِ تعلقي سجاول جي مجلسِ عامله جو اهم اجلاس ٿي گذريو

سنڌي خبرون 15th Jan 2026 363 مناظر
جي يو آءِ تعلقي سجاول جي مجلسِ عامله جو اهم اجلاس ٿي گذريو

اجلاس امير عبدالغني سومرو جي صدارت هيٺ مدرسه الهاشميه ۾ ٿيو

سجاول(رپورٽر)جمعيت علماءِ اسلام تعلقي سجاول جي مجلسِ عامله جو اهم اجلاس امير عبدالغني سومرو جي صدارت هيٺ مدرسه الهاشميه سجاول ۾ منعقد ٿيو.اجلاس ۾ تنظيمي معاملن، تعلقي جي موجوده صورتحال ۽ جماعت کي وڌيڪ فعال بنائڻ بابت تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلد تعلقي سجاول جي سڀني يونٽن جو دورو ڪيو ويندو ۽ جماعت کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندياجلاس کي خطاب ڪندي امير عبدالغني سومرو چيو ته ڪمند جي آبادگارن سان سخت ناانصافي ٿي رهي آهي جڏهن به ڪوفصل تيارٿئي ٿوته ان جوريٽ گهٽايووڃي ٿو جهن سان آبادگارن جو استحصال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته صبح جو هڪ ريٽ مقرر ڪيو وڃي ٿو ۽ شام تائين ٻيو ريٽ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو آبادگارن سان ظلم جي برابر آهي.هن مطالبو ڪيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا فوري نوٽيس وٺن ۽ آبادگارن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جماعت آبادگارن سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.اجلاس ۾ مولانا محمدانورسومرو مولانا غلام حسين ميمڻ مولانا عبدالرزاق کٽي مولانا اشرف ميمڻ مولانازبيرسومرو محمد حنيف سومرو ۽عبدالقادرسومرو شرڪت ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ