بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير پوليس پاران ڏوهاري ٽولي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 23rd Jul 2025 297 مناظر
ملير پوليس پاران ڏوهاري ٽولي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪارروائي دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو: ايس ايس پي ملير

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ موٽرسائيڪلن جي چورين ۾ سرگرم خطرناڪ ڏوهاري ٽولي کي پوليس طرفان گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي ويئي آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادي جو چوڻ هو ته ڪارروائي ٿاڻي شاهه لطيف جي حدن ۾ دوران گشت ڪئي وئي، جتي پوليس مشڪوڪ هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ اتان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس سندن پٺيان لڳي ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل جوابدارن جا نالا موحيدالدين، اويس ۽ فياض ٻڌايا ويا آهن جيڪي ڪيترين ئي ڏوهن ۾ گهربل آهن.پوليس موجب جاچ دوران جوابدارن ڪيترين ئي ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي جن ۾ هٿيارن جي زور تي شهرين کي ڦرڻ، خاص طور تي 125 سي سي موٽرسائيڪل سوارن کي نشانو بڻائڻ شامل آهي.گرفتار جوابدارن وٽان ٽي چوريل ٿيل 125 موٽرسائيڪلون، ٻه پسٽل، گوليون ۽ روڪ رقم هٿ آئي آهي.پوليس موجب هٿ آيل موٽرسائيڪلون لائنز ايريا، رضويه ۽ جمشيد روڊ جي حدن مان چورايون ويون هيون.ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته مک جوابدار موحيدالدين اڳ به 17 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ