اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

راڻيپور واقعو، ڊي آئي جي سکر ايس ايڇ او امير علي چانگ کي معطل ڇڏيو

سنڌي خبرون 16th Aug 2023 167 مناظر

ڊي آئي جي سکر ايس ايڇ او کي معطل ڪندي سکر رينج رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو

سکر: ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي ايس ايڇ او راڻيپور امير علي چانگ کي معطل ڇڏيو.ڊي آئي جي سکر ايس ايڇ او کي معطل ڪندي سکر رينج رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.معصوم نينگري فاطمه واري مامري جي جاچ لاءِ ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي ايس ايس پي خيرپور جي سربراهي ۾ ڪاميٽي تشڪيل ڏئي ڇڏي ڪاميٽي جو سربراهه ايس ايس پي خيرپور مير روحيل خان کوسو هوندو. ڪاميٽي ۾ اي ايس پي گمبٽ محمد نعمان ظفر ۽ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي عبدالقدوس ڪلوڙ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.ڊي آئي جي سکر جوڙيل ٽيم کي نينگري فاطمه جي فوت ٿيڻ متعلق 7 ڏينهن اندر انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ