منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

استاد گلزار علي خان- سنڌ جو مهان ڪلاڪار

آرٽيڪلز/ کالمز 21st Sep 2026 21 مناظر
استاد گلزار علي خان- سنڌ جو مهان ڪلاڪار

تحرير: غلام حسين چانگ

سنڌ جي عظيم صوفين، بزرگن، درويشن، امن ۽ پيار جي ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي امر فنڪارن جنم ورتو، جن پنهنجي فن ۽ ڏات ذريعي سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو. انهن ئي مڻيادار فنڪارن ۾ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي دنيا جو نالو استاد گلزار علي خان پڻ شامل آهي.
استاد گلزار علي خان 1934ع ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊيارو لڳ ڳوٺ ديهات ۾ پيدا ٿيو. سندس والد استاد محمد مراد خان پڻ پنهنجي علائقي جو مشهور ڳائڻو هو. استاد گلزار علي خان شروعاتي تعليم ڳوٺ ديهات مان حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس والد محمد مراد پڻ راڳ سان وابسته هو.
استاد گلزار علي خان 8 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي سکيا پنهنجي والد کان شروعاتي طور حاصل ڪيائين، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي استاد مهر علي خان وٽان پڻ سکيا حاصل ڪئي. ان کانپوءِ استاد گلزار علي خان 25 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جي تمام وڏي راڳي استاد منظور علي خان جي شاگردي اختيار ڪئي.
استاد منظور علي خان سنڌ جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو هو. سندس ڪيترائي شاگرد هئا، جن ۾ استاد گلزار علي خان به شامل هو. استاد گلزار علي خان پنهنجي استاد جي فن کان متاثر ٿي راڳ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو.
استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اڪيڊمي قائم ڪئي، جتي ڪيترن ئي شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏني. سنڌ جا مشهور فنڪار غلام شبير سمون، عبدالغفور سومرو، مختيار علي ۽ ٻيا ڪيترائي فنڪار سندس شاگردن ۾ شامل رهيا. استاد گلزار علي خان 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي فني خدمتن جو آغاز ڪيو. ريڊيو پاڪستان تي مشهور ٿيڻ کانپوءِ هن موسيقار جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن تي ڪيترائي پروگرام ڪيائين، جڏهن ته سندس گائڪيءَ جون وڊيو ڪيسٽون پڻ جاري ٿيون.
استاد گلزار علي خان نه رڳو وڏو ڪلاسيڪل فنڪار هو، پر مختلف ساز وڄائڻ جو پڻ ماهر هو. هن پنهنجي فن ذريعي سنڌ جي موسيقيءَ کي وڏي خدمت فراهم ڪئي.
استاد گلزار علي خان کي ٻه پٽ، مظهر علي ۽ اظهر علي، ۽ چار ڌيئرون، صنم، افشان، ارم ۽ ڪرن، اولاد ۾ هيون. استاد گلزار علي خان پنهنجي علائقي جو تمام وڏو فنڪار هو. سندس شاديون ۽ ٻيون تقريبون سندس راڳ کانسواءِ اڻپوريون سمجهيون وينديون هيون. هو محفلن ۾ بنا ڪنهن لالچ جي ڳائيندو هو ۽ راڳ سان محبت ڪندڙ ماڻهو پري پري کان سندس فن ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا. سندس مشهور ڪلامن ۾ طالب المولى جو ڪلام ”دل جون ڳجهيون ڳالهيون، ڀلا توکي نه چوان ته ڪنهن کي چوان“، شاهه لطيف جو ڪلام ”تون آن باغ حسن جو“ ۽ سچل سرمست جا ڪلام شامل هئا.
استاد گلزار علي خان 1985ع ۾ بيمار ٿي پيو، جنهن کانپوءِ کيس ٻه ڀيرا فالج جو حملو ٿيو. ڊاڪٽرن کيس ڳائڻ کان منع ڪري ڇڏي. بيماريءَ سبب سندس حالت خراب ٿيندي وئي ۽ مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪرايو ويو.
آخرڪار 22 سيپٽمبر 1992ع تي سنڌ جو هي مهان ڪلاڪار اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. کيس سندس اباڻي ڳوٺ ديهات جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
اڄ سندس 33 هين ورسيءَ جو ڏهاڙو آهي، پر سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي پاران سندس ورسيءَ جي حوالي سان ڪو خاص پروگرام منعقد نه ٿيڻ ۽ سندس فن جي سار نه لهڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي.
استاد گلزار علي خان سنڌ جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو هڪ وڏو نالو هو، جنهن جي فن ۽ خدمتن کي هميشه ياد رکڻ گهرجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ