سنڌ جي وحدت ۽ بقا تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي:رياض چانڊيو
22 نومبر تي ايمپريس مارڪيٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين رهبر ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي مارچ ڪرڻ جو اعلان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) وحدت سنڌ مارچ جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان رزاق آباد جي امروٽي ڪالوني ۾ هڪ وڏو عوامي جلسو عام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جلسي ۾ سنڌ جي وحدت، قومي حقن، وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌ جي سياسي، سماجي توڙي تاريخي سڃاڻپ جي تحفظ بابت خيالن جو اظهار ڪيو ويو جلسي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ بقا تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي سنڌ هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت رکندڙ ڌرتي آهي، جنهن جي وحدت ۽ قومي سڃاڻپ جو تحفظ سنڌ جي عوام جي گڏيل ذميواري آهي هن چيو ته سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ قومي حقن بابت سنڌ جي عوام جي راءِ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ۽ تحفظ لاءِ هميشه جدوجهد ڪندا رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته وحدت سنڌ مارچ جو مقصد سنڌ جي عوام ۾ قومي شعور بيدار ڪرڻ، سنڌ جي وحدت بابت عوامي آواز کي سگهارو بڻائڻ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ گڏيل جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو ۽ پرامن جمهوري جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جلسي کي الاھي بخش چاچڙ، غفار مير جت، فيض سنڌي، منظور ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. اڳواڻن پنهنجي خطابن ۾ چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن جي تحفظ وارو سوال سنڌ جي هر ماڻهو جو گڏيل مسئلو آهي، تنهنڪري سنڌ جي عوام، سياسي ڪارڪنن، نوجوانن ۽ ساڃاهه وندن کي گڏجي پنهنجي قومي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي ان موقعي تي اڳواڻن اعلان ڪيو ته وحدت سنڌ جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 22 نومبر تي ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين رهبر ڪميٽي جي سڏ تي وڏو عوامي احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي وحدت، قومي حقن، زمينن ۽ وسيلن جي تحفظ بابت ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. هنن سنڌ جي عوام، سياسي ۽ سماجي تنظيمن، قومي ڪارڪنن ۽ نوجوانن کي احتجاجي مارچ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي جلسي جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن سنڌ جي وحدت، قومي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ پرامن عوامي جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو