منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي ايس پي پاليسي خلاف سنڌي شاگرد سٿ جو احتجاج، پاليسي ختم ڪرڻ جو مطالبو

سنڌي خبرون 28th Nov 2025 392 مناظر
ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي ايس پي پاليسي خلاف سنڌي شاگرد سٿ جو احتجاج، پاليسي ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا روڪڻ لاءِ ڪي ايس پي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي: منٺار سولنگي

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي ۾ لاڳو ٿيل ڪي ايس پي پاليسي خلاف سنڌي شاگرد سٿ پريس ڪانفرنس ڪندي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي پاليسي کي غير آئيني ۽ امتيازي قرار ڏنو آهي.شاگرد سٿ جي چيئرمين منٺار سولنگي ۽ جنرل سيڪريٽري اساما حفيظ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ملڪ جي ڪنهن به ٻي تعليمي اداري ۾ اهڙي پاليسي لاڳو ناهي، صرف ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا روڪڻ لاءِ ڪي ايس پي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي.رهنمائن جو چوڻ هو ته "سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، پوءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڇو سمجهيو پيو وڃي؟" هنن جو مطالبو هو ته اهڙين پاليسين جي آڙ ۾ سنڌ جي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافي فوري بند ڪئي وڃي.انهن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪي ايس پي پاليسي فوري طور ختم ڪري، سڄي سنڌ جي شاگردن کي برابري جي بنياد تي داخلا ڏني وڃي.شاگرد سٿ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ