اتوار، 22 نومبر 2026
بریکنگ

گلشن حديد فيز ٽو ۾ ٽن مهينن کان پاڻي جي فراهمي معطل، رھواسي عذاب ۾ مبتلا

سنڌي خبرون 01st Nov 2026 105 مناظر
گلشن حديد فيز ٽو ۾ ٽن مهينن کان پاڻي جي فراهمي معطل، رھواسي عذاب ۾ مبتلا

رهواسين جي وفد پ پ ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکئي سان ملاقات ڪري شڪايت ڪئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد فيز ٽو ۾ گذريل ٽن مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند هجڻ سبب پيدا ٿيل سخت بحران خلاف علائقي واسين جي وفد سعيد نيازي، سامي ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سميع ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکئي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري پاڻي جي بندش بابت تفصيلي شڪايتون پيش ڪيون ان موقعي تي وفد ٻڌايو ته علائقي ۾ گذريل ٽن مهينن کان پاڻي جي فراهمي معطل هجڻ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. وفد پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪندي فوري طور پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکئي علائقي واسين جون شڪايتون ڌيان ۽ دلچسپي سان ٻڌندي کين خاطري ڪرائي ته پاڻي جي بند ٿيل والو واري لائين سندن نگراني ۾ کولرائي ويندي ۽ مٽيءَ سبب بند ٿيل لائين جي صفائي ڪرائي پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي گٽرن واري لائين پڻ تبديل ڪرائي ويندي، جيئن گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي واري لائين ۾ شامل نه ٿئي ۽ رهواسين کي صاف پاڻي فراهم ٿي سگهي امداد جوکئي ان سلسلي ۾ واٽر ڪميٽي جي ميمبر ڪي بي پٺاڻ کي پڻ ضروري هدايتون جاري ڪيون. وفد پاڻي جي پراڻي مسئلي جي حل لاءِ دلچسپي وٺڻ ۽ فوري قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائڻ تي امداد جوکئي جا ٿورا مڃيا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ