منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

راھوڪي واسڻ ناري ٻيراڻي واسي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 02nd Jul 2024 274 مناظر
راھوڪي واسڻ ناري ٻيراڻي واسي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

راھوڪي واسڻ ناري ٻيراڻي واسي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ٽنڊو آدم (حسنين علي ساند) راھوڪي جي ناري ٻيراڻي واسي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ڪورٽ ۾ تحفظ لا۽ درخواست ڏني. رپورٽ موجب ضلعي حيدرآباد جي راھوڪي جي ڳوٺ حاجي سانوڻ گوپانگ جي رھواسي 20 ورھين ناري پارتي ڌيءَ ويريو ڀيل ضلعي سانگهڙ جي شھر ٻيراڻي جي رھواسي رميش سان ٽنڊي آدم جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ناري پارتي زال رميش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون پنھنجي راز خوشيءَ سان رميش سان شادي ڪئي آھي. مونکي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو، منھنجو پيء ويريو چاچو مسلسل اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن ايس ايس پي سانگھڙ ۽ سيشن جج سانگھڙ کي اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ