پیر، 02 نومبر 2026
بریکنگ

ايڇ آءِ وي ايڊز متاثر ماڻهن کي نفرت نه، پر همدردي، علاج ۽ سماجي سهڪار جي ضرورت آهي: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو

سنڌي خبرون 01st Nov 2026 14 مناظر
ايڇ آءِ وي ايڊز متاثر ماڻهن کي نفرت نه، پر همدردي، علاج ۽ سماجي سهڪار جي ضرورت آهي: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
سجاول (رپورٽ: گلشيرميربحر) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته ايڇ آءِ وي ايڊز کان متاثر ماڻهن کي نفرت نه، پر همدردي، علاج ۽ سماجي سهڪار جي ضرورت آهي. بيماري بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن سان متڀيد وارو رويو ختم ڪرڻ لاءِ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سجاول جي شاهين اميونٽي سينٽر ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز بابت آگاهي مهم جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن بيماري کان بچاءَ، احتياطي تدبيرن ۽ متاثر ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ايڇ آءِ وي هٿ ملائڻ، ڀاڪر پائڻ يا گڏ ويهڻ سان نه ٿو پکڙجي، تنهنڪري متاثر ماڻهن کي سماج کان ڌار ڪرڻ بدران انهن سان محبت ۽ عزت سان پيش اچڻ گهرجي. بروقت تشخيص ۽ مناسب علاج سان وائرس کي اثرائتي نموني ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.,هن چيو ته ايڇ آءِ وي کان بچاءَ لاءِ محفوظ طبي اوزارن ۽ اسڪريننگ ٿيل رت جو استعمال ضروري آهي. وائرس جون علامتون ظاهر نه ٿيڻ باوجود به ان جي موجودگي ممڪن آهي، تنهنڪري ٽيسٽ ذريعي تشخيص ڪرائڻ ۽ مستند ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ اهم آهي. هن زور ڏنو ته ايڇ آءِ وي کان متاثر ماڻهن کي علاج، عزت ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ سڄي سماج جي گڏيل ذميواري آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ