منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

يونين آف جرنلسٽس جي تعلقي نوشهروفيروز جي سالياني چونڊ ٿي گذريو

سنڌي خبرون 28th Feb 2024 199 مناظر

يونين آف جرنلسٽس جي تعلقي نوشهروفيروز جي سالياني چونڊ ٿي گذريو

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي تعلقي نوشهروفيروز جي سال 2024 جي لاءِ خالد ميمڻ صدر ۽ ساجد جويو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا خبر موجب نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس تعلقي نوشهروفيروز جو اجلاس پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ضلعي صدر زاهد قائمخاني جنرل سيڪريٽري مظهرخاصخيلي خزانچي مرتضي تڳر ۽ اليڪشن ڪاميٽي جي ميمبر زاهد راڄپر جي اڳواڻي ۾ ٿيو جنهن ۾ تعلقي مختلف شهرن درياخان مري ،پڊعيدن ،ڦل،مٺياڻي ،ابڙان شهرن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جنهن ۾ يونين آف جرنلسٽس تعلقي نوشهروفيروز جي لاءِ سال 2024 جي لاءِ صدر خالد ميمڻ، نائب صدر سيد مبارڪ علي شاهه، نائب صدر ممتازراڄپر جنرل سيڪريٽري ساجد جويو، جوائنٽ سيڪريٽري زبيرمري،جوائنٽ سيڪريتري ممتازابڙو،خزانچي اميرعلي ملڪ ، پريس سيڪريٽري لالا شعيب پٺاڻ ،آفيس سيڪريٽري راڻا واحد ۽ ڪاروباري ڪاميٽي تي حضوربخش ،غلام قادر،سعيد خاصخيلي، محمد عارف راڻا دلشاد ، مجيب الرحمان وڳڻ چونڊيا ويا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ