بدھ، 18 نومبر 2026
بریکنگ

درساڻو ڇنو ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳل، رھواسي پريشان, گيس جي مين لائين ۽ اسڪول ويجهو گند اڇلائڻ سبب باهه جو خدشو

سنڌي خبرون 18th Nov 2026 2 مناظر
درساڻو ڇنو ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳل، رھواسي پريشان, گيس جي مين لائين ۽ اسڪول ويجهو گند اڇلائڻ سبب باهه جو خدشو

گندگي سبب ٻار ۽ ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ مبتلا، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو ۾ گڏاپ ٽائون انتظاميا جي مبينا نااهلي ۽ لاپرواهي سبب صفائي سٿرائي جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي گذريل ٻن مهينن کان سڄي علائقي جو گند ڪچرو شيدي ڳوٺ جي خاصخيلي پاڙي ڀرسان هڪ اسڪول جي ويجهو اڇلايو پيو وڃي جڏهن ته ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته گند ڪچري جا ڍير ان هنڌ تي لڳايا پيا وڃن، جتان ڪراچي ۽ ٺٽي کي گيس فراهم ڪندڙ سوئي سدرن گيس ڪمپني (SSGC) جي مين لائين گذري ٿي گيس جي مين لائين ڀرسان گند ڪچري جا وڏا ڍير لڳڻ سبب ڪنهن به وقت باهه لڳڻ يا خطرناڪ حادثو پيش اچڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سان نه رڳو شيدي ڳوٺ پر ڀرپاسي جي آباديءَ جون زندگيون به خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. ٻئي طرف گندگي جي ڍير ڀرسان اسڪول هجڻ سبب معصوم شاگردن ۽ علائقي واسين کي سخت بدبوءِ ۽ ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ سيني جي انفيڪشن، دم ۽ ساهه جي بيمارين ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گڏاپ ٽائون انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ۽ دانهون ڪيون ويون آهن، پر ان باوجود ذميوار عملدارن طرفان ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن سبب صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت، صوبائي وزير بلديات، ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي اسڪول ۽ گيس جي مين لائين ڀرسان موجود گند ڪچري جا ڍير هٽايا وڃن، علائقي ۾ صفائي سٿرائي جو مستقل انتظام ڪيو وڃي ۽ مبينا غفلت ڪندڙ ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن ڪنهن وڏي حادثي کان اڳ انساني زندگين ۽ خاص طور تي معصوم شاگردن کي محفوظ بڻائي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ