اياز لطيف پليجي پاران ھاسٽل مان ايمن ڪمار جو لاش ملڻ واري واقعي جي جاچ جو مطالبو
اياز لطيف پليجي پاران ھاسٽل مان ايمن ڪمار جو لاش ملڻ واري واقعي جي جاچ جو مطالبو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ ھمدرد يونيورسٽي جي ھاسٽل مان نوجوان شاگرد ايمن ڪمار جو لاش ملڻ واري واقعي تي انتھائي ڏک جو اظھار ڪندي چيو تہ واقعي جي شفاف جاچ ڪري حقيقتون ظاھر ڪيون وڃن. اياز لطيف پليجي شاگرد ايمن ڪمار جي وارثن سان ڏک ۽ تعزيت جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ نوجوان شاگرد جي زندگي جو نقصان اسان جي سماج جو اجتماعي نقصان آھي. ھوڏانھن اياز لطيف پليجي چيو تہ يوريا کي مھانگو ڪري آبادگارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي. نقلي زرعي دوائون، نقلي ٻج تي ڪنٽرول ناھي ڪيو ويو. نقصان ڏيندڙ مافيا خلاف ڪارروائي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اٽو تمام گھڻو مھانگو ٿي ويو آھي، جنھنڪري غريب ۽ پورھيت ماڻھو 2 وقت جي ماني لاء پريشان آھن. حڪومت عوام کي بنيادي سھولتون نٿي ڏئي سگھي تہ گھٽ ۾ گھٽ وات جو گرھ تہ نہ ڦريو وڃي. اٽو، کنڊ، گيھ، چانور ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان سستو ڪيو وڃي.