ڪاٺوڙ لنڪ روڊ تي پوليس آفيسر جي ويگو اونڌي، گن مين فوت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪاٺوڙ لنڪ روڊ تي تيز رفتاري سبب ويگو گاڏي حادثي جو شڪار ٿي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻو سي آءِ اي انچارج ٺٽو ممتاز بروهي جو گن مين پرويز گن موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ممتاز بروهي زخمي ٿي پيو مليل ڄاڻ موجب ممتاز بروهي حيدرآباد کان ڪراچي اچي رهيو هو ته ڪاٺوڙ لنڪ روڊ تي سندس ويگو گاڏي تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي وئي ۽ ڪيترائي ڪلهاٽ کائيندي اونڌي ٿي پئي. حادثي ۾ پرويز گن فوت ٿي ويو، جڏهن ته ممتاز بروهي کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو بعد ۾ مليل اطلاعن موجب ممتاز بروهي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ سندس طبيعت بهتر ٻڌائي پئي وڃي. حادثي جي اطلاع ملڻ بعد فوت ٿيل پرويز گن جا وارث ۽ ٻيا عزيز ڪراچي روانا ٿي ويا.