ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺارو شاهه ۾ شاگرد سان بدفعلي جي ڪوشش ۽ سندس نازيبا وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف، جوابدار گرفتار

سنڌي خبرون 14th Jul 2023 319 مناظر

متاثر شاگرد جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر کي گرفتار ڪري ورتو

ٺاروشاھ جي نوجوان شاگرد جو نازيبا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ مٿان ڪيس داخل جوبدار گرفتار, ٺاروشاھ جي لطيف ڪالوني واسي نوجوان شاگرد خليل رحمان مغل ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهچي دانهيندي ٻڌايو ته نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر فراز ملوڪ مستوئي مونکي پنهنجي اوطاق تي وٺي ويو جنهن مونکي چانھ ۽ بسڪيٽ ۾ نشي وارو ڌاتور ملائي مونکي بيهوش ڪري منهنجي سلوار لاهي مونکي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري منهنجي اگهاڙي وڊيو ڀري مونکي ڪيتري ئي عرصي تائين بليڪميل ڪندو رهيو هن چيو ته هاڻي منهنجي هن فيس بڪ تي وڊيو وائرل ڪري منهنجي عزت جو تماشو بڻايو آھي جڏھن ته ٺاروشاھ پوليس نجي ٽي وي ڇينل جي رپورٽر مٿان ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو آھي.جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڀريا لونگ خان شر ٻڌايو شاگرد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي جڏھن ته سندن سهولتڪارن جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو جاري آھي ۽ معاملي جي هر رخ کان جاڇ ڪري رهيا آھيون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ