اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

مڪلي پوليس جو فحاشي جي اڏي تي ڇاپو، ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا گرفتار

سنڌي خبرون 18th Jan 2026 266 مناظر
مڪلي پوليس جو فحاشي جي اڏي تي ڇاپو، ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا گرفتار
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج جي هدايتن ۽ ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران فحاشي جي اڏي تي ڇاپو، ٽي مرد ۽ ٽي عورتون گرفتار، ڪيس داخل، عوام پاران پوليس کي خراجِ تحسين.ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي خاص هدايتن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او الله وسايو نوھڙيو پوليس جي وڏي نفري سان گڏ مڪلي ورڪشاپ ۾ قائم فحاشي جي اڏي تي ڇاپو هنيو، جتان ٽي عورتن سميت ڇهه ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار ٿيلن ۾ علي شير ملاح، پنھوں ملاح، عرس ملاح، مسمات بي بي جٽ، نور جٽ ۽ نور جهان شامل آهن. فحاشي جي اڏي تان گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف مکلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.مڪلي ورڪشاپ جي رهواسين سميت سموري مڪلي جي عوام، مڪلي پوليس جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيندي ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي، ايس ايڇ او مڪلي ٿاڻو الله وسايو نوھڙيو ۽ سندس پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ