جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪوٽڙي ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف عورتن پاران مٽي جون مانيون پچائي انوکو احتجاج

سنڌي خبرون 04th Aug 2023 414 مناظر

غربت سبب ٻچا بک پيا مرن، اٽو خريد ڪرڻ جي سگھ ناهي، حڪمرانن کي ڪا پرواهه ناهي: عورتون

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف عورتون به ٻارڙن سميت روڊن تي نڪري آيون، عورتن پاران مٽيء جون مانيون پچائي اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف انوکو احتجاج ڪيو. ڪوٽڙي جي مک چول المدينا چوڪ تي عورتن مهانگائي وڌڻ خلاف مٽيء جون مانيون پچايون. ڄامشورو سجاڳ فورم جي سڏ تي عورتن احتجاج ڪندي چيو ته غربت سبب ٻچا بک پيا مرن اٽو خريد ڪرڻ جي سگھ ناهي. حڪمرانن کي ڪوبه ڪهڪاء نٿو اچي. حڪمرانن اٽو مهانگو ڪري مسڪين ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ