ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

حيدرآباد جي گدو اسپتال جي ايم ايس پاران نرس کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف

سنڌي خبرون 14th Sep 2023 365 مناظر

نرس جي درخواست تي صحت کاتي جي ڊي جي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ورتي

ڪراچي: حيدرآباد جي گدو اسپتال جي ايم ايس تي نرس پاران حراسان ڪرڻ جو الزام، نرس عزيزان رند الزام لڳائيندي چيو آھي تھ اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سريش ڳچ عرصي کان حراسان ڪري ٿو ـ اسپتال جي ايم ايس جا ويجھا ماڻهو او پي ڊي ٽائيم کانپوء ايم ايس جي ڪمري ۾ وڃڻ لاء زور ڀرين ٿا ـ ڊي جي صحت کي ڏنل درخواست ۾ نرس جو موقف ھو تھ منهنجي عزت کي خطرو آھي ـ ذھني طور پريشان آھيان ـ ڪارروائي ڪريو نرس جي درخواست تي صحت کاتي جي ڊي جي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ورتي ڊي جي ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو چوڻ آھي تھ نرس جي مليل درخواست تي ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي آھي ـ جاچ ڪنداسين ـ جاچ ڪميٽي ۾ عورت آفيسر به شامل آھي ـ ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪارروائي ڪنداسين ـ
شیئر کریں:

1 تبصرے

Parvez ali shah
Parvez ali shah 3 years ago

Beautiful knowledge

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ