صحافين جي هيلٿ انشورنس جو پريميئم يونين ادا ڪندي: فواد محمود
27سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ”ميڊيا اينڊ اڪانومي“ سيمينار ڪرائڻ جو فيصلو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ورڪرز پنهنجي ميمبرن ۽ سندن خاندانن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي سالياني هيلٿ انشورنس جو پريميئم يونين پاران ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان يونين جي صدر فواد محمود ڪراچي جي هڪ فارم هائوس تي ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.اجلاس ۾ صحافين کي درپيش مالي پريشانين، علاج معالجي، پيشيوراڻن مسئلن ۽ تنظيمي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان سان گڏ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ صحافين کي تنظيمي سطح تي سهارو ڏيڻ ۽ ميمبرن لاءِ پروويڊنٽ فنڊ قائم ڪرڻ بابت تجويزون پڻ غور هيٺ آيون. جنرل سيڪريٽري ندا آصف ايجنڊا تي خيالن جو اظهار ڪندي تنظيمي معاملن ۽ ميمبرن سان مؤثر رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري سامي ميمڻ يونين جي آئين جي پاسداري، نظم ۽ ضبط ۽ گڏيل اتحاد کي تنظيم جي مضبوطي لاءِ بنيادي قرار ڏنو سيڪريٽري اطلاعات باغي ساگر پنھور پروويڊنٽ فنڊ جي قيام ۽ ميمبرن جا مسئلا بروقت اجاگر ڪرڻ لاءِ رابطي جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت تجويزون پيش ڪيون. گورننگ باڊي جي ميمبرن فضيل جتوئي، ملڪ فيصل ۽ ڊاڪٽر بشارت حسين صحافين کي مبينا جعلي ايف آءِ آرز ۽ پيڪا ايڪٽ سبب پيش ايندڙ مسئلن تي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته جاويد شاهه جي ۽ آصف سدھو يونين جي فلاحي سرگرمين کي جاري رکڻ ۽ ضرورت مند صحافين جي مدد لاءِ مالي وسيلا پيدا ڪرڻ بابت تجويزون ڏنيون اجلاس ۾ 27 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب جي ڪانفرنس هال ۾ شام 4 کان 6 وڳي تائين ”ميڊيا اينڊ اڪانومي“ سيمينار ڪرائڻ جي تيارين جو پڻ جائزو ورتو ويو. سيمينار ۾ معاشي ماهرن ۽ صحافتي شعبي سان لاڳاپيل شخصيتن جي شرڪت متوقع آهي.اجلاس ۾ ملير، ڪورنگي، گهگھر، گلشن حديد، رزاق آباد، درسانو ڇنو، گلستانِ جوهر، گلشنِ اقبال، ناظم آباد، ميمڻ ڳوٺ، لانڍي ۽ ٻين علائقن مان آيل ميمبرن يونين جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته صحافين جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ ٿيندڙ هر مثبت تنظيمي سرگرمي ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو شرڪت ڪندڙن چيو ته موجوده ڏکين معاشي حالتن ۾ صحافين جا مسئلا رڳو پگهارن ۽ نوڪرين تائين محدود نه رهيا آهن، پر علاج، روزگار جي تحفظ ۽ مستقبل جي معاشي سلامتي پڻ اهم مسئلا بڻجي چڪا آهن تنهنڪري صحافين جي ڀلائي لاءِ عملي قدم وقت جي اهم ضرورت آهن.اجلاس جي پڄاڻيءَ تي صحافين جي حقن جي تحفظ، ڀلائي، تنظيمي اتحاد ۽ گڏيل سهڪار سان جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو،