ڪتاب "وجود ئي وڻڪار" تي تبصرو

سيد غلام مصطفي شاھ

ڪتاب

هڪ چوڻي آهي تہ "ڪتاب هڪ پيالي وانگر آهي پر ان مان پاڻي پيئڻ توهان کي پاڻ کي سکڻو آهي". اها چوڻي بلڪل درست آهي تہ پاڻي پيئڻ جي طلب بہ اهو ئي ڪندو جنهن کي اُڃ جي طلب هوندي پر چوڻيءَ مطابق تہ پهريان تہ پاڻيءَ تائين پهچجي پوءِ وري پاڻي پيئڻ سکجي. اڄڪلھ جي مصروف زندگيءَ ۾ وقت ڪڍڻ، مواد گڏ ڪرڻ ۽ وري لکڻ بيحد تڪليف ڏيندڙ ڪم آهي پر لک شاباس هجي سائين اعجاز ممنايءَ کي جنهن اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجو رت ست ۽ قيمتي وقت ڪڍي هڪ شاهڪار ڪتاب پيش ڪيو آهي.

سائين اعجاز ممنائيءَ جو هي اٺون ڪتاب ڇپجي اسان تائين پهتو آهي. ان کان اڳ سندن جيڪي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن هي هن ريت آهن.اندر جا اندوھ،جنين جيءُ جياريو "حصو پهريون"، رند پروڙين راز، جنين جيءُ جياريو "حصو ٻيو",، عالم جا اهنج حصو پهريون ۽ ٻيو، برقعان اندر بازيون، سامي جھاڳي سڃ.سائين اعجاز جي ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو 2021ع کان شروع ٿيو ۽ جاري و ساري آهي. سائين جا 2021ع ۾ ٽي ڪتاب 2022ع ۾ هڪ ڪتاب ،2023ع ۾ ٽي ڪتاب ۽ 2024ع ۾ هي هڪ ڪتاب "وجود ئي وڻڪار" آهي هي ڪتاب سنڌ جي سورمن ۽ سورمين جي سوانحي خاڪن تي مشتمل آهي.

هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ڪافي شخصيتن جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي جيڪا پهريان بلڪل بہ نہ هئي، ڪتاب ۾ شامل ڪجھ شخصيتن کي تہ مان بزاتخود صرف شڪلي صورت ۾ سڃاڻان تہ هن جو نالو هي آهي، هي ڊيوٽي ڪري ٿو يا هتي جو رهاڪو آهي پر سائين اعجاز انهن شخصيتن جا ڪارنما، جستجو ۽ ڪم لکيا آهن تہ ڪير ڪهڙي طبيعت جو آهي يا سندس مشهور ڳالهيون يا ڪم وغيره شامل آهن. ڪافي شخصيتن جي تہ سوانحي پڙهي حيرت ۽ تعجب پڻ لڳو تہ سندس ڪهڙا ڪھڙا ڪارناما آهن، سچ پچ تہ ڪتاب پڙهي ڏاڍي خوشي بہ ٿي ۽ ڄاڻ ۾ بہ بيحد اضافو ٿيو.

سائين اعجاز دل جي ايمانداري ۽ خري انداز سان هر شخصيت کي وائکو ڪري پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي،ايئن ڪري چئجي تہ حقيقت بيان ڪئي اٿن. هڪ هنڌ ڪتاب ۾ سائين هڪ ڊاڪٽر بابت لکي ٿو تہ " ڪڏهن ڪڏهن هي ماڻهو اهڙي تہ سختي ۽ جذبات ڏيکاريندو آهي جو ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ سمجهندا آهن تہ هي ڊاڪٽر شايد چريو ٿي ويو آهي پر اهو فطري عمل آهي" مطلب تہ سائين اعجاز حق سچ لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

ڪتاب ۾ چويھ سورمين ۽ چويھ سورمن جو تفصيل سان ذڪر هئڻ ڪري پڙهڻ ۾ تمام دلچسپ لڳندو. ڪتاب پڙهڻ سان دل جلد ۾ انکي مڪمل ڪرڻ لاءِ آتي ٿيندي اهل علم وارن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.

سائين اعجاز چوندو آهي تہ مون وٽ ڪافي تعداد موجود آهي اگر ڇپائي ڪرائجي تہ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي سگهن ٿا، اگر ڪو ادارو سائين جن سان سهڪار ڪري تہ سائين ڪافي مواد ڇپائي سگهي ٿو. اسان سائينءَ جي قلمي پورهئي جو بيحد قدر ڪريون ٿا ۽ سائين لاءِ دعاگو آهيون تہ سائين پنهنجي قلمي پورهئي سان دنيا تائين شعور ۽ پنهنجا خيالات پهچائيندو رهي ۽ ﷲ پاڪ سائين جن کي صحت ۽ تندرستي عطا فرمائي. آمين