سجاول شهر کي ڏنل باءِ پاس جي پل ۾ کڏو پئجي ويو، وڏي حادثي جو خطرو

باء پاس تان هيوي گاڏين جي گذرڻ جي ڪري پل کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو

سجاول شهر کي ڏنل باءِ پاس جي پل ۾ کڏو پئجي ويو، وڏي حادثي جو خطرو

سجاول.(رپورٽر)سجاول شھر کي ڏنل باء پاس جي پل ۾ وڏو کڏو پوڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل ۽ڦرڻ جي وارداتن ۾ اضافو. ان باء پاس تان هيوي گاڏين جي گذرڻ جي ڪري پل کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو. سجاول جي شھرين ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سجاول باء پاس جي پل کي فل فور ٺهرايو وڃي. تفصيل موجب. سجاول شھر کي ڏنل باء پاس جيڪو ڪراچي. بدين. مٺي. عمرڪوٽ.۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن کي ملائي ٿو ان باء جي پل ۾ هڪ وڏو کڏو پوڻ ڪري حادثہ روز جو معمول بڻيل آهن ۽ ان روڊ تي ڦرون به ٿين ٿيون. ياد رھي ته هن کڏي کي 6 مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي پر ان طرف انتظاميه جو ڪوبه ڌيان ناهي. سجاول جي شھرين جو چوڻ آهي ته هن روڊ تان هر آفيسر گذري ٿو پر انھن کي اهو کڏو ڏسڻ ۾ نٿو اچي شھرين جو چوڻ آهي ته هن کڏي جي ڪري ڪافي حادثہ ٿيا آهن. ۽ هتي ڦرون به ٿين ٿيون انھن چيو ته اسين ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا هن پل کي جلد کان جلد ٺهرايو وڃي ته جيئن مسافر پريشاني کان بچي سگھن ۽ ڦرن ۾ به گھٽ تائي اچي