نوشهروفيروز ۾ پورهيت جو پوليس خلاف احتجاج

درس پوليس پٽ مهتاب ۽ ڀائٽي کي کنڀي کڻي وئي هئي: هارون سولنگي

نوشهروفيروز ۾ پورهيت جو پوليس خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي ڳوٺ راول سولنگي جي رهواسي پورھيت هارون سولنگي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته درس پوليس جي ايس ايڇ او منهنجي پٽ مھتاب سولنگي ۽ ڀائٽي منو سولنگي کي ٽول پلازه مورو وٽ روڪي انهن تي تشدد ڪيو ۽ موٽر سائيڪل ڪاغذن سميت، موبائيل فون ۽ ست هزار روڪ ڦريا ۽ انهن کي کنڀي ٿاڻي تي وٺي ويو جنهن بعد لنجار هائوس تان فون ڪرائڻ بعد ٻنهي نوجوانن کي پوليس ڇڏيو پر ايس ايڇ او پاران ڦريل موبائيل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل واپس نه ٿو ڪري هن چيو ته اسان رات دير سان ايس ايڇ او درس ڏي سامان واپس ڪرائڻ لاءِ وياسين پر هن ٺپ جواب ڏنو ۽ چيو ته توهان کي سامان واپس نه ملندو ايس ايس پي جو حڪم آهي هن چيو ته منهنجو پٽ ۽ ڀائٽيو مورو ويجهو پيور جي مزدوري تان واپس اچي رهيا هئا ته پوليس کين بيگناھ گرفتار ڪري ورتو هاڻي پوليس پاران ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس نه پيو ڪيو وڃي جيڪا وڏي زيادتي آهي هن سنڌ جي گھرو وزير، آء جي سنڌ، ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشهروفيروز کان معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڏيارڻ جي گھر ڪئي آهي