تقريب نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿي
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ نيشنل پريس ڪلب جي خدمتگار علي محمد ميربحر جي رٽائرمينٽ وٺڻ تي الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ٽائون ڪميٽي سجاول جي چيئرمين خصوصي شرڪت ڪئي. نيشنل پريس ڪلب سجاول پاران پريس ڪلب جي خدمتگار ٽائون ڪميٽي سجاول جي ملازم نائب قاصد علي محمد ميربحر کي عمر جا سٺ سال پورا ڪري رٽائرمنٽ وٺڻ تي الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ جي صدارت ھيٺ منعقد ڪيل تقريب ۾ ٽائون ڪميٽي سجاول جي چيئرمين سيد آفتاب شاھ شيرازي ۽ وائس چيئرمين ساجد لغاري خصوصي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ٽائون ڪميٽي سجاول جي چيئرمين آفتاب شاھ شيرازي چيو تہ نيشنل پريس ڪلب پاران پنھنجي خدمتگار ھڪ ننڍي ملازم کي ايترو مان ڏيڻ ساراھ جي لائق آھي. ھن چيو تہ اھو اعزاز ھڪ فرد کي نہ پر ھڪ ڪردار کي آھي جنھن پنھنجي سڄي ڄمار ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڪندي گذاري ۽ عزت سان رٽائرڊ ٿيڻ تي ان جو اھو حق بڻيو ٿي تہ کيس مان ۽ شان سان الوداع ڪيو وڃي. نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ چيو تہ چاچا علي محمد ميربحر کيس ھميشہ ھمٿائيندو رھندو آھي ۽ کيس صحافي بنائڻ ۾ وڏو ڪردار چاچا علي جو ئي آھي. ھن چيو تہ چاچا علي ان کان وڌيڪ عزت لھڻي پر اسان پنھنجي وس آھر کيس الوداع ڪري رھيا آھيون. سورج سجاولي پريس ڪلب جي صدر اسماعيل سرويچ، حسين آزاد، انجمن تاجران جي صدر نياز احمد ميمڻ، اي اي او اشفاق ميمڻ، پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن سجاول جي صدر محمد عمر ميمڻ، گسٽا سجاول جي اڳواڻ بشير سرويچ، پيراميڊيڪل اسٽاف سجاول جي اڳواڻ سعيد عمراڻي، ايس ٽي پي جي دادا سنڌي، ناليواري شاعر اياز امر شيخ، سينيئر صحافي نزاڪت علي شاھ خطاب ڪندي چيو تہ ھميشہ وڏيرن ۽ سياسي ماڻھن توڙي ڪرپٽ بيورو ڪريٽن کي پٽڪا ٻڌايا ويندا آھن، پر اڄ ھڪ پريس ڪلب کي خدمتگار جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪري کيس پٽڪو ٻڌائي ھڪ نئين ۽ سٺي روايت قائم ڪئي وئي آھي. انھن چيو تہ چاچا علي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نہ آھن ۽ اھڙا ڪردار تاريخ ۾ ھميشہ ياد رکيا ويندا آھن. تقريب ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ نجيب سرويچ، عرفان سومرو، پي ٽي آئي جي ممتاز شاھ بخاري، پ ٽ الف ضلعي اڳواڻ عبدالحق ميربحر سميت، ڪائونسلر ملڪ قاسم ملاح، ايس يو پي جي مشتاق سومرو، سوشل ورڪرن خميسو ميمڻ، شبير ميمڻ، سميت صحافين سليم کوسو، جي ايم ميمڻ، خالد طاھراڻي، گلشير ملاح، فقير اسماعيل کتري، سليم ملاح، سيتل داس، جاني جوڳي، شھباز حسن، غلام حسين سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪار خدا ڏنو ٺاراڻي شاھ ۽ اياز امر شيخ جي شاعري ترنم ۾ ڳائي ۽ وفا بابو پٺاڻ چاچا علي جي نالي سان شعر بيان ڪيا. تقريب جي آخر ۾ نيشنل پريس ڪلب سجاول جي ميمبرن سرپرست اعلي امام ڏنو رانٽو، نديم ميمڻ، رياض ميمڻ، بابو جان سجاولي، عبدالرشيد خاصخيلي، دلدار حسين ميمڻ، وزير جان، زبیر میمڻ، وقار غفور، قربان ميربحر ۽ ٻين پاران علي محمد ميربحر کي اجرڪن، لنگين ۽ نوٽن جي ھارن جا تحفا ڏئي الوداع ڪيو ويو.
0 تبصرے