ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ھڱورجا ۾ ڳوٺ نھال خال سولنگي واسڻ عورت جو پٽ سميت بااثرن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 13th Feb 2026 342 مناظر
ھڱورجا ۾ ڳوٺ نھال خال سولنگي واسڻ عورت جو پٽ سميت بااثرن خلاف احتجاج
ھنڱورجا جي ڳوٺ نھال خال سولنگي جي رھواسي پيرسن عورت مسمات ڪزبانو سولنگي پنھنجي پٽ سجاد سولنگي سان گڏ با اثر جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته ڳوٺ جو با اثر سليم رضا ۽ سندس ڀاء سعيد عباس اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي ڪيترائي ڀيرا اسان جي مٿان حملا ڪرايا آھي ھن چيو ت سليم رضا کي زمين وڪرو ڪري ڏني آھي زمين جا پئسا گھرڻ تي ڏمرجي پيو آھي اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اسان غريب مسڪين آھيون اسان ايس ايس پي خيرپور وٽ ب دانھيو آھي پر ڪير ب داد رسي ڪرڻ لاء تيار ناھي . ھنن مطالبو ڪيو آھي ت با اثر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ