ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ھندو پنچائت شڪارپور جي نون عھديدارن جي اليڪشن بابت گڏجاڻي

سنڌي خبرون 13th Jul 2025 136 مناظر
ھندو پنچائت شڪارپور جي نون عھديدارن جي اليڪشن بابت گڏجاڻي
شڪارپور ( احسان ابڙو)ھندو پنچائت شڪارپور جي سال 2025 لاء نون عھديدارن جي اليڪشن ڪرائڻ لاء مقرر اليڪشن ڪميٽي جي گڏجاڻي اليڪشن ڪمشنر پروفيسر پرڪاش لال جي صدارت ۾ ٿي گذري گڏجاڻي جو مقصد پنچائت جي چونڊ عمل کي پرامن ، صاف شفاف ۽ منظم طريقي سان ڪرائڻ لاء تياريون ڪرڻ ھيو ان موقعي تي اليڪشن چونڊڻ جي قائدن ۽ ضابطن بابت تفصيلي غور ويچار پڻ ڪيو ويو گڏجاڻي ۾ اليڪشن پولنگ جي ھنڌ بابت بہ صلاح مشورو ڪيو ويو ته جيئن ميمبر ووٽرن لاء آسان سھولت فراھم ڪري سگھجي اليڪشن گڏجاڻي ۾ ڪميٽي ميمبرن اليڪشن ڪمشنر پروفيسر پرڪاش لال ، اشوڪ ڪمار ، ايڊوڪيٽ بسنت لال، تيرت داس ۽ پرڪاش لال پاران شرڪت ڪئي وئي جتي اليڪشن ڪمشنر پروفيسر پرڪاش لال پاران گڏجاڻي دوران ميمبرن جي خيالن جي اظھار کي ساراهيو ويو ۽ ڳالھائيندي چيو ته سال 2025 جي پنچائت جي عھديدارن جي چونڊ عمل کي اڻ ڌريو ٿي غير جانبدار بڻجي صاف شفاف بڻايو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ