اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

گهوڙا ٻاري ويجهو ٻارڙِي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت

سنڌي خبرون 30th Dec 2024 112 مناظر
گهوڙا ٻاري ويجهو ٻارڙِي تلاءَ ۾  ڪِري ٻڏي فوت

ڳوٺ نور محمد شورو ۾ 5ورهين جي تسميه شورو تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت

ٺٽو(ڊر) تعلقي گھوڙاٻاري جي ڳوٺ نور محمد شورو جي رھواسي پورھيت محمد اڪرم شورو جي 5 سالہ معصوم نياڻي تسميہ شورو راند کيڏندي گھرن ڀرسان پاڻي جي تلاء ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويئي، جنھن جو لاش پاڻي جي تلاء مان ڪڍي شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪرو پھچايو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ڳوٺ جي رھواسي عبدالحفيظ شورو بڌايو تہ معصوم نياڻي گھر ڀرسان راند ڪندي پاڻي جي تلاء ۾ ڪري بڏي فوت ٿي ويئي اھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ