اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

گهوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان ناري جو امڙ سان گڏ احتجاج

سنڌي خبرون 02nd Apr 2026 289 مناظر
گهوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان ناري جو امڙ سان گڏ احتجاج

مڙس ۽ ڏيرن ڪارنهن تهمت مڙهي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، انصاف لاءِ گهوٽڪي جي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي: ناري

گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ جلال الدين کوسو جي رهواسڻ عورت ثمينه کوسو پنهنجي امڙ سلمہ کوسو سان گڏ مڙس، ڏيرن ۽ علائقي جي بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو متاثر عورت ٻڌايو ته سندس مڙس ۽ ڏيرن مٿس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي کيس گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪايو ۽ گهوٽڪي جي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي سندس چوڻ هو ته عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد جوابدار وڌيڪ ڏمرجي پيا آهن ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ثمينه کوسو الزام هنيو ته جوابدار بشير کوسو، عباس کوسو، مير هزار کوسو، شهباز کوسو ۽ ٻيا مونکي ڪورٽ ٻاهران اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پهتا سين ته جوابدار به اتي موجود هئا ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏنيون، اسان جي زندگي کي خطرو آهي متاثر عورت ۽ سندس امڙ اعليٰ اختيارين، پوليس جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ