اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

گمبٽ ڀرسان پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل، سهولتون به اڻلڀ

سنڌي خبرون 29th Oct 2025 333 مناظر
گمبٽ ڀرسان پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل، سهولتون به اڻلڀ

پرائمري اسڪول رستم ناريجو جي عمارت کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهي آهي: ڳوٺاڻا

گمبٽ(زوھيب سمون) رستم ناريجو جي عوام جو چونڊيل نمائيندن ۽ تعليم وزير اعلي خلاف احتجاج، ڪنگري تعلقي جو گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رستم ناريجو ھن اسڪول ۾ 400کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون زير تعليم آهن اسڪول جي بلڊنگ کنڊرات جو ڏيک ڏئي رھي آھي ھن بھوت بنگلي نما اسڪول جي بلڊنگ جي حالت ڏسي اکيون رت روئڻ ٿيون ھاڻي شاگردن ۽شاگردياڻين کان تعليم جو حق به کسيو پيو گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رستم ناريجو ۾ ھڪ استاد آهي چار سئو ٻار ـ فرنيچر جي کوٽ سبب ٻار زمين تي ويھي تعليم حاصل ڪن ٿا رستم ناريجو ۾ 50 شاگردياڻيون جتي ھڪ به ٽيچر نه آهي اسڪول ۾ پيئڻ جو نه مٺو پاڻي چارسئوٻار اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا اتي واشرو جي سھولت به نه آهي ڳوٺاڻن ڪيترا ڀيرا احتجاج ڪيا پر سنڌ حڪومت کي ڪن ۾ جوبه ڪونه ٿي چري گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رستم ناريجو۾ تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي پر ڪوئي نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي ھڪ طرف سنڌ حڪومت تعليم تي نوان نوان تجربا ڪري رھي آھي استادن ۽ شاگردن لاءِ حاضري لاءِ جديد ايپ آڻي رھي آھي بلڊنگ کي ڏسي سنڌ حڪومت طرفان تعليم جي لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان اچي ويا آهن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ