جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪي پي ٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ قومي خزاني کي 2 ارب 88 ڪروڙ رپيا نقصان ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

سنڌي خبرون 25th Sep 2023 345 مناظر

عدالت ۾ ڪي پي ٽي جو اڳوڻو چيئرمين رئوف اختر فاروقي ۽ ٻيا جوابدار پيش

ڪراچي: ڪي پي ٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ قومي خزاني کي 2 ارب 88 ڪروڙ رپيا نقصان ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي عدالت ۾ ڪي پي ٽي جو اڳوڻو چيئرمين رئوف اختر فاروقي ۽ ٻيا جوابدار پيش احتساب عدالت جي ليڊي جج موڪل تي ھئڻ سبب لنڪ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ ھو تھ ڪي پي ٽي ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي به 2012 ۾ اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري، اڳوڻي ايم پي اي جاويد حنيف، اڳوڻي چيئرمين رئوف اختر فاروقي سميت ٻين جوابدارن تي 940 غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ ۽ قومي خزاني کي 2 ارب 88 ڪروڙ 55 لک رپين جو نقصان ڏيڻ جو نيب پاران ريفرنس داخل ڪرايو ويو آھي، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ ھو تھ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو اڳوڻو وفاقي وزير بابر غوري ۽ ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ايم پي اي جاويد حنيف ملڪ کان ٻاهر مفرور آھن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن ۽ شاھدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ