اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪينجهر ڍنڍ تي ڊائريڪٽر جنرل فشريز ميرين سراج احمد سولنگي جي مان ۾ تقريب

سنڌي خبرون 19th Oct 2025 242 مناظر
ڪينجهر ڍنڍ تي ڊائريڪٽر جنرل فشريز ميرين سراج احمد سولنگي جي مان ۾ تقريب

ايڪسيليريٽيڊ ايڪشن پلان فشريز ونگ جي ڪوآرڊينيٽر پاران تقريب منعقد ڪئي وئي

ٺٽو (ڊ ر) ڪينجهر ڍنڍ ڪناري تي ايڪسيليريٽيڊ ايڪشن پلان فشريز ونگ جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر غلام قادر جمالي جي نگراني هيٺ ڊائريڪٽر جنرل فشريز ميرين، سراج احمد سولنگي جي ايندڙ نومبر ۾ ٿيندڙ رٽائرمنٽ جي موقعي تي ھڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو۔ ان موقعي تي بيڪ يارڊ فش هيچري جھمپير مان مڇين جي مختلف قسمن جو ٻيجارو به علامتي طور ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڇڏيو ويو۔ تقريب ۾ ڊپٽي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر حمير احمد ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ عبدالستار سومرو، سيڪشن آفيسر محمد انوار، ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز AAP ڊاڪٽر نويد احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز چلايا فش هيچري سجاد احمد لاڙڪ، رانا محمد اسلم راجپوت، انيس احمد ھلايو، ارشاد عمر گندرو KCN ۽ ڪينجهر ۽ ٺٽو آفيس جو سمورو اسٽاف وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن ڊائريڪٽر جنرل سراج احمد سولنگي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ھن پنهنجي ڪيريئر دوران سنڌ جي فشريز شعبي جي ترقي لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون۔ تقريب دوران مڇين جي نسل وڌائڻ ۽ ڍنڍ جي ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي به زور ڏنو ويو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ