اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪنري ڀرسان بااثر رٽائرڊ پوليس آفيسر جو لابارو ڪيل توريي جو فصل مبينا طور کڻائي ويا

سنڌي خبرون 23rd Feb 2026 173 مناظر
ڪنري ڀرسان بااثر رٽائرڊ پوليس آفيسر جو لابارو ڪيل توريي جو فصل مبينا طور کڻائي ويا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ويجھو بااثر ماڻھو رٽائرڊ پوليس آفيسر جي زرعي زمين تان لاٻارو ڪيل لکين روپين جي ماليت جي توريي جو فصل کڻائي ويا، رٽائرڊ پوليس آفيسر جون دانھون، پوليس فرياد ٻڌڻ کان انڪاري، نوٽيس جو مطالبو. تفصيل موجب ڪنري ويجھو ٻسٽان لڳ واپڊا گرڊ اسٽيشن وٽ بااثر ماڻھن پاران اڳوڻي پوليس آفيسر مصدق علي آرائين جي ٻنيء تان توريي جي فصل جي چوري ڪئي وئي آھي، بااثر ماڻھو ٻنيء ۾ لاٻارو ڪري رکيل لکين روپين جي توريي جو فصل ٽريڪٽر ٽراليون ڀرائي کڻائي ويا آھن متاثر پوليس آفيسر مصدق آرائين پاران ڪنري پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ ميڊيا آڏو دانھون ڪندي چيو ته رات دير سان بااثر ماڻھن ساٿين سان گڏجي سندس ٻنيء تي 3 ايڪڙ جي وڍي رکيل لکين روپين جو توريو چوري ڪرائي ويا آھن توريي کي ٽريڪٽر ٽرالين ۾ ڀرائي کنيو ويو جيڪو 90 مڻ کان وڌيڪ ۽ لکين روپين جي ماليت جو ھو، ان حوالي سان هن ڪنري پوليس کي دانهن پڻ ڏني پر ڪوبه فرياد نٿو ٻڌي، هن ٻڌايو ته واردات ۾ علائقي جا سياسي ماڻھو ملوث آھن جنن جي مدد سان بااثرن سندس ٻچن جي روزي کسي آھي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري چوري ٿيل توريو واپس ڏياريو وڃي ۽ ساڻس انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو عدالتن جو در کڙڪائيندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ