پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪنري پوليس جي ڪاروائي، سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي 6 مزدور بازياب

سنڌي خبرون 17th Feb 2026 344 مناظر
ڪنري پوليس جي ڪاروائي، سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي 6 مزدور بازياب

بازياب ڪرايلن ۾ ڌرمون، رتني، ڪيسري، ڪمليش، اشوڪ ڪمار ۽ ٻيا شامل

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) عدالتي حڪم تي ڪنري پوليس جي ڪاروائي، سرن جي بٺي تي ڇاپو ھڻي 6 مزدور بازياب ڪرائي ورتا. سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس نبي سر ٿر لڳ اڪرم پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي 6 مزدورن کي بازياب ڪرائي ورتو. درخواستگذار چمن ڪولهي جي فرياد تي عدالت پاران حڪم ڏنو ويو. بازياب ڪرايل مزدورن ۾ ڌرمون، رتني، ڪيسري، ڪمليش، اشوڪ ڪمار ۽ ٻيا شامل آھن. بازياب ٿيل پورهيتن الزام لڳايو ته بٺي جو مالڪ ظلم ڪندو هو، بي پناھ پورهيو ڪرائيندو هو ۽ وقت سر اجورو نه ڏيندو هو انڪري ڪورٽ وياسين. پوليس موجب مزدورن کي ڪنري ٿاڻي رکيو ويو آھي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ