اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪشمور ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جو پوليس اسٽيشن آڏو ڌرڻو

سنڌي خبرون 13th Oct 2023 155 مناظر

ڪچي جي ڌاڙيلن ڳوٺ هدي جکراڻي تي ڪيترائي ڀيرا حملا ڪري ڀتا چوري طلب ڪن ٿا: اڳواڻ

ڪشمور (ڊ ر) جماعت اسلامي ڪشمور جي ڪارڪنن ڪشمور پوليس جي ناانصافين خلاف ڪشمور پوليس اسٽيشن جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڪچي جي ڌاڙيلن ڳوٺ هدي جکراڻي تي ڪيترائي ڀيرا حملا ڪري ڀتا چوري طلب ڪن ٿا ، اڄ ٻيهر حملي ڪري وڌيڪ نقصان جون ڌمڪيون ڏئين پيا ڪشمور پوليس ايف آءِ آر ڪٽڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جوابدار ڌر جي چوڻ تي ڌاڙيل عمر شر وٽ وڃو ۽ فيصلو ڪيو، افسوس سان چوئڻو ٿو پوي ته جيڪڏهن ايس ايڇ او ڪشمور ۽ عملو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن وٽ فيصلو ڪيو.اهو ڪٿان جو قانون آهي حملو ڪندڙن کي پڪڙي ڪشمور پوليس کي ڏنو قانون ڪڏھن حرڪت ۾ ايندو؟ايس ايڇ او ڪشمور بجاءِ فرياد وٺڻ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ پڪڙيل جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو جماعت اسلامي ڪشمور جي رهمنا حدي جکراڻي پاران آئي جي سنڌ ڊي جي آئي سنڌ ايس ايس پي ڪشمور کان گهر ڪئي ته فلفور جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ