ڪراچي ۾ ڊي جي ڪچي آبادي پاران مختلف علائقن ۾ ڪچي آبادي ليز ڪيمپن جو دورو
ڊي جي محمد نديم ڊائريڪٽر منظور چانڊيو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذيشان راجپوت سان گڏ دورا ڪيا
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير جي ڪچي آبادي بابت خاص معاون لياقت علي آسڪاڻي ۽ ڊي جي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي محمد نديم جي هدايت تي عوام کي سندن درن تي ليز جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي ڊويزن جي مختلف ڪچي آبادين ۾ ليز ڪيمپون لڳايون ويون آحن، ڊي جي ڪچي آباد ڊائريڪٽر منظور چانڊيو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪراچي ذيشان راجپوت سان گڏ آدم هنڱورو، شاهه رسول ڪالوني ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن ۾ قائم ڪيمپن جو دورو ڪيو