اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي پولٽري سنڌ بلوچستان هول سيلر ايسوسيئيشن کي 11 نومبر واري حادثي سبب ڪاپاري ڌڪ لڳو: چوڌري تنوير

سنڌي خبرون 17th Nov 2024 300 مناظر
ڪراچي پولٽري سنڌ بلوچستان هول سيلر ايسوسيئيشن کي 11 نومبر واري حادثي سبب ڪاپاري ڌڪ لڳو: چوڌري تنوير

پولٽري ورڪرن جون قيمتي زندگيون ضايع ٿيون آھن ۽ ڪيترائي ورڪر اڃا تائين اسپتالن ۾ آهن

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پولٽري سنڌ بلوچستان ھول سيلر ايسوسيئيشن جي صدر چوڌري تنوير احمد 11 نومبر ڏھاڙي ملير ويجھو پيش آيل حادثي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪراچي پولٽري سنڌ بلوچستان هول سيلر ايسوسيئيشن کي 11 نومبر ڏهاڙي پيش آيل حادثي سبب وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، اين ايڇ اي ۽ مقامي انتظاميا جي نااهلي سبب پولٽري ورڪرن جون قيمتي زندگيون ضايع ٿيون آھن ۽ ڪيترائي ورڪر اڃا تائين اسپتالن ۾ داخل آهن، جن مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي، افسوس جو مقام آهي واقعي کي هفتو گذرڻ باوجود ڪنهن به ذميواري اسان سان رابطو ناهي ڪيو، پولٽري ايسوسيئيشن جي تاريخ ۾ ھي ھڪ وڏو سانحو آھي اين ايڇ اي، پوليس ۽ مقامي انتظاميا جي غفلت سبب ڪروڙين روپين جون ڪڪڙيون حادثي دوران مري ويون جنهن سبب پولٽري ايسوسيئيشن هول سيلرن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي، هن لاڳاپيل تمام ادارن سميت وڏو وزيرکي اپيل ڪئي ته معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي داد رسي ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ