اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي پوليس پاران هفتي 940 کان وڌيڪ جوابدار گرفتارڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 06th Apr 2026 257 مناظر
ڪراچي پوليس پاران هفتي 940 کان وڌيڪ جوابدار گرفتارڪرڻ جي دعويٰ

هفتي دوران پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مجموعي طور 36 مقابلا ٿيا: پوليس ترجمان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي پوليس شهر ۾ ڏوهارين خلاف جاري ڪارروائين دوران گذريل هڪ هفتي ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪندي 940 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس ترجمان موجب گذريل هفتي دوران ڪراچي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مجموعي طور 36 مقابلا ٿيا، جن دوران 3 جوابدار مارجي ويا جڏهن ته 44 زخمي ڦورن سميت 54 جوابدارن کي رنگي هٿ گرفتار ڪيو ويو۔پوليس موجب مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران منشيات فروشي ۾ ملوث جوابدارن کان لکين رپين ماليت جي منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي، جنهن ۾ 18 ڪلو 238 گرام چرس، 2 ڪلو 95 گرام آئس/ڪرسٽل ۽ هيروئن شامل آهي۔گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 153 مختلف قسمن جو غير قانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو، جن ۾ پسٽل، رائفلون ۽ ٻيا هٿيار شامل آهن۔ڪراچي پوليس هڪ هفتي دوران شهرين کان ڦريل ۽ چوري ٿيل 86 موٽر سائيڪلون ۽ 4 وڏيون گاڏيون پڻ هٿ ڪري ورتيون آهن، جن کي اصل مالڪن حوالي ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي۔پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏوهارين خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ